شهداد ڪوٽ شهر جون اهم تاريخي جڳهون

شهداد ڪوٽ شهر جون اهم تاريخي جڳهون

عبدالغفار                     

ايم اي فائينل

02

هن وقت شهداد ڪوٽ هڪ تعلقي جي حيثيت رکي ٿو،جنهن جي آبادي تقريبن 4 لک آهي ۽ هي تعلقو آبادي جي حوالي سان ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ ۾ پهرين نمبر تي آهي،هتي ننڍيون توڙي وڏيون ذاتيون ۽ پاڙا رهن ٿا جنهن ۾ گھڻي اڪثريت رکڻ واريون ذاتيون ڪجھ هي آهن.

وڌو،تونيو،ڀٽي،کهاوڙ،بروهي،مگسي،کوسو،جروار،چانڊيو،سومرو ۽ سيلرا هن شهر جو بنياد رکڻ واريون ٻه ذاتيون آهن يعني چيو وڃي ته هتان جو اصل پيڙھ پاڙھ رکڻ واريون ذاتيون،جنهن ۾ هڪ کهاوڙ ۽ ٻيو سيلرا هنن ٻنهي ذاتين جي ڪري اڄ شهدادڪوٽ هڪ شهر جي حيثيت ۾ آهي،ڏٺو وڃي ته شهر جا اصل مالڪ هي ٻه پاڙا آهن ان کان پوءِ هنن ٻنهي ذاتين آهستي آهستي پنهنجا پلاٽ غريبن ۾ ورهايا پوءِ ان جي آڙ ۾ الڳ الڳ قومون هجرت ڪري هن شهر ڏانهن روخ ڪرڻ لڳيون جنهن ۾ بلوچستان جا بلوچ تمام گهڻا لڏي آيا.

مگر هن شهر جي ڪارو بار ۽ واپار کي اڳتي وٺي اچڻ ۾ هندن جو تمام وڏو هٿ آهي،ٻڌايوٿو وڃي ته ڪنهن اوائلي دور ۾ هن شهر جي ڳپل حصي کي ٻاهران ڪوٽ ڏنل هوندو هو جنهن ڪري هي شهر جي نالي جي آخر ۾ ڪوٽ ڏنل آهي ۽ هن شهر جو اصل ۾ نالو سيلرا شهداد ڪوٽ آهي ،سيلرا هڪ ذات آهي باقي شهداد خان کهاوڙ ان وقت جو امير شخص هوندو هو جنهن پنهنجي وقت ۾ پنهنجون زمينون سرڪار حوالي ڪيون ۽ ڪجهه وري غريبن جي حوالي ڪري چڏيون.

بهرال هاڻوڪي دئور جي نظر مطابق شهداد ڪوٽ هڪ وڏي حيثيت ۽ اهميت رکندڙ شهر آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي تاريخي ۽ مشهور جڳهون آهن.

سيلرا شهداد ڪوٽ ريلوي اسٽيشن.

خدا پاڪ جي خلقيل هن ڪائينات ۾ ڪيترائي حصا سهڻا ۽ من موهيندڙ آهن،پر انسان جي سوچ ۽ فڪرکان پوءِ اهي ويتر ڌيان جو مرڪز بڻجن ٿا.جڏهن ته ڪن حصن تي وري انسان جي ڊگهي محنت کان پوءِ اهڙو ته دل ۾ سڪون پيدا ٿيو وڃي،جو انهن کي وسارڻ مشڪل ئي نه پر نامڪن ٿيو پوي ،جنهن ۾ سنڌ جي سيلرا شهداد ڪوٽ ريلوي اسٽيشن پڻ آهي،هي اسٽيشن تمام گهڻي پراڻي آهي پر هن کي 70 ۽ 80ع واري ڏهاڪي ۾ ڀرپور نموني هلايو ويو پوءِ 2003ع ۾ هي ٽرين هر سومر جي ڏينهن تي ايندي هئي پر هن وقت ان جو وجود بلڪل ختم ٿي چڪو آهي ۽ هي اسٽيشن پهرين دور کان وٺي ماڻهن لاءِ سير ۽ تفريح جو هڪ اڏو آهي هن اسٽيشن جو هڪ پنهنجو ذاتي پارڪ به آهي،ڪافي عرصي کان وٺي ريلوي اسٽيشن تي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو ماحول پڻ مچيو پيو هوندو آهي ۽ اڪثر شهر جا ماڻهو صبح ۽ شام جي وقت ورزش ڪرڻ لاءِ ۽ سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ پڻ اسٽيشن جو روخ ڪندا آهن ۽ تقريبن ماڻهن جي پسند واري جگهه اسٽيشن هوندي آهي.هن جڳهه تي هڪ دفعو سير ڪرڻ وارو ماڻهو بار بار اچڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي ڇو ته هي جڳهه انسانن جي ذهنن کي سڪون پهچائڻ واري جڳھ هونديون آهن.

درگاهه ميان غلام صديق.

هي درگاهه هن شهر جي ٺهڻ کان به اڳ جي آهي ،هتي هر جمعي جي ڏينهن تي تمام گهڻي رش هوندي آهي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهوسندس حاضري بهرڻ لاءِ پهچي ويندا آهن ۽ هن درگاهه تي لنگر ۽ نياز تمام گهڻو هلندو آهي اهو سڀ ڪجهه مسلمان ڪندو آهي پر انهن کان به عام ڏينهن ۾ به تمام گهڻا ماڻهو حاضري ڀرڻ لاءِ ايندا آهن،هي درگاهه آزادي کان به اڳ جي آهي.هن جي ڀرسان هڪ مسجد پڻ آهي.هي درگاه جامع آهي جنهن ۾ بلوچستان چاهي پنجاب جا ماڻهو پڻ ذيارت لاءِ ايندا آهن.هتي اچڻ وارن ماڻهن جي چوڻ موجب ته هتي پهچڻ کان پوءِ اسان جي دلي ۽ ذهني ڪيفيت بلڪل تبديل ٿيو وڃي ۽ ان جو يقين اسان کي هتي وٺي اچڻ تي مجبور ڪندو آهي.

فٽبال گرائونڊ.

هي گرائونڊ اصل ۾ کهاوڙن جو ڏنل آهي.جيڪو خاص ڪري سئي گئس وارن کي ڏنو ويو هو پلاٽ گهڻي هجڻ جي ڪري هن پلاٽ کي فٽبال راند لاءِ ڏنو ويو،هتي پاڪستان ليول جون ٽيمون پڻ اينديون آهن.جنهن ۾ هر صوبي جو ٽيمون پاڻ کي آزمائڻ لاءِ راند جو حصو بڻجن ٿيون،هر روز شام جو هتي نون رانديگرن کي پڻ سيکاريو ويندو آهي ته آخر راند کيڏڻ جون اهم رٿون ڪهڙيون آهن، اڪثر ڪري ان گرائونڊ تي اتان جون مقامي ٽيمون پاڻ ۾ مقابلي ڪنديون رهنديون آهن پر جڪڏهن ٻي شهر جون يا ٻي ڪنهن صوبي جون ٽيمون مقابلي لاءِ اينديون آهن ته انهن سان مقابلي لاءِ مقامي ٽيمن جا سٺا سٺا رانديگر گڏجي مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن.

Advertisements

Leave a Reply

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out /  Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out /  Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  Change )

Connecting to %s